
سنڌي هڪ قديم ۽ شاهوڪاري ٻولي آهي. مُئن جو دڙو مان لڌل مُهرن تي موجود لکت مان ثابت آهي، ته هتي آڳاٽي دور ۾ به ڪا ٻولي لکت جي روپ ۾ موجود هئي. لسانيات جا ماهر، ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي انهيءَ کي پڙهڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.
عرب سياحن ۽ تاريخدانن جي تحريرن موجب نائين صدي عيسويءَ بلڪ ڪن حوالن موجب ان کان به اڳي سنڌي ٻولي سنڌ ۾ رائج هئي. عربن جي دور ۾ قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اهو احوال بزرگ بن شهر يار جي جاگرافيءَ نالي عجائب الهند ۾ لکيل آهي.
عربن کان پوءِ سومرن جو راڄ قائم ٿيو. انهن 1050ع کان 1350ع تائين حڪومت ڪئي. سومرن کان پوءِ سما (1350ع کان 1521ع) حاڪم ٿيا. پوءِ ارغون دور (1521ع کان 1555ع) آيو.
انهيءَ کان پوءِ ڪلهوڙن جي حڪومت جو دور (1600ع کان 1683ع تائين شروع ٿيو. جيڪو عرسي جي لحاظ کان 83 سال هليو، پر ان دور ۾ سنڌي ادب ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن دور جو عظيم شاعر آهي. سندس ڪلام جو ڪتاب (شاهه جو رسالو) سنڌي ٻوليءَ جو لافاني دستاويز آهي. شاهه سائين صحيح معنيٰ ۾ هڪ آفاقي شاعر آهي.
تخليق، تنقيد، تحقيق توڙي ترجمي جي ڏس ۾ موجوده دور سنڌي ادب لاءِ بيحد اهميت وارو آهي. جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، عبدالڪريم سنديلي، رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جوئي، محمد عمر چنڊ، سراج ۽ فهميده حسين جون ان ڏسِ ۾ نمايان خدمتون آهن.
No comments:
Post a Comment