Tuesday, January 26, 2010

ROHRI CITY (رهڙي شهر)










This

روهڙي، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر مان هڪ آهي. هي شهر سنڌونديءَ جي اڀرندي ڪناري تي اڏيل آهي. هتي تمام جهونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آهن. هي شهر، سکر ۽ بکر، کان هڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو. هن جي ڀرسان درياءَ جي ٻيٽ ۽ ٽڪرين مان قديم زماني جون شيون هٿ آيون هيون، جن کي ڏسي قديم آثارن جي ماهر ليفٽيننٽ ٽيوملر اندازو لڳايو هو، ته هي شهر تمام جهونو آهي ۽ پٿر واري زماني ۾ به آباد ۽ وسندڙ هو. زماني جي ڦيرين ڦارين جي ڪري، ڪيترائي ڀيرا هي شهر غير آباد ۽ وري آباد ٿيندو رهيو آهي. قديم آثارن جي هڪ ٻئي ماهر ڊاڪٽر بلئم فورڊ انهن شين کي ڏسي، اندازو لڳايو هو ته هندستان جي ٻين هنڌن تان اهڙي قسم جي لڌل شيون وڌيڪ سهڻيون آهن. جيتوڻيڪ هي شهر قديم زماني کان آباد ٿيندو رهيو آهي، پر هاڻوڪو شهر گهڻو قديم نه آهي. عربن جي ڪاهه وقت، هن جو نالو نشان ئي ڪونه هو. ان وقت اروڙ، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. درياءَ جو رخ بدلائڻ ڪري اروڙ جو شهر ڦٽڻ لڳو ۽ روهڙيءَ جو نئون شهر آباد ٿيو.





هن شهر کي خاص اهميت حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آهي. وار مبارڪ هڪ سوني جواهرن سان جڙيل، دٻليءَ ۾ پيل آهي، جا مير مراد علي خان جي نذر ڪيل آهي. چيو وڃي ٿو ته وار مبارڪ جو روضو ايران جي بادشاهه نادر شاهه ٺهرايو هو.

No comments:

Post a Comment